ٽائيفائيڊ مدي جو بخار

ٽائيفائيڊ مدي جو بخار

ٽائيفائيڊ مدي جو بخار

ٽائيفائيڊ/ مدي جو بخار: هيءُ بخار، ٻارن توڙي وڏن ۾ هڪجهڙو ٿيندو آهي. اهڙيون شيون، جيڪي صاف ڌوتل نه هجن يا جيڪي صفائيءَ سان رڌل نه هجن، خاص ڪري بيدا ۽ گوشت وغيره ته انهن ۾ مدي جي بخار جا سالمونيلا (Salmonella) جيوڙا گهڻا هوندا آهن. عام طور تي بازارن ۾ گنديون ۽ پاروٿيون شيون کائڻ سان مدي جو بخار ٿئي ٿو. اهڙين شين جي کائڻ سان جيوڙا پيٽ ۾ وڃن ٿا. پاڻيءَ جي ذريعي به مدي جو بخار پکڙجندو آهي. شروع ۾ هلڪو بخار ٿيندو آهي، جيڪو آهستي آهستي تيز ٿي 103 فارنهائيت تائين پهچي ويندو آهي. مدي جو بخار (ٽائيفائيڊ) 100 فارنهائيٽ کان گهٽ نه ٿيندو آهي. هن بخار ٿيڻ سبب سڄي بدن ۾ سور سان گڏوگڏ دست به ٿي پوندا آهن. مريض کي کاڌو نه وڻندو آهي ۽ الٽيون ٿي پونديون آهن، جنهنڪري ڪمزوري وڌي ويندي آهي. هن بيماريءَ جو ٿڏي تي علاج نه ڪيو ويو ته موت به اچي سگهي ٿو. مدي جي بخار ۾ دماغ تي اثر ٿئي ٿو، جنهن ڪري بيهوشيءَ جي ڪيفيت ٿي ويندي آهي ۽ جهٽڪا لڳڻ شروع ٿي ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن مريض جو آنڊو به ڦاٽي پوندو آهي. مدي جو بخار 14 ڏينهن ۽ ڪڏهن ته 21 ڏينهن تائين رهندو آهي، ان ڪري مريض کي ڊاڪٽر جي هدايتن مطابق دوائون استعمال ڪرڻ گهرجن. هن بخار ۾ مريض کي فقط گهڻي سڻڀ ۽ مرچن کان پرهيز ڪرڻ گهرجي؛ پروٽين واريون شيون کائڻ گهرجن. جيڪڏهن صحيح علاج نه ٿيو ته ٻن يا ٽن مهينن کانپوءِ ٻيهر مدي جو بخار ٿيندو آهي. هن بيماريءَ کان بچڻ لاءِ بازاري شين کان پرهيز ڪري، گرمين ۽ برسات جي موسم ۾ ٽڪا هڻائڻ گهرجن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو